امداد حسين

امداد حسين: سنڌي موسيقيءَ ۽ سنگيت وديا جو ڄاڻو ۽ ناميارو ڍولڪ نواز امداد حسين، 1925ع ڌاري جيسلمير ۾ ڄائو. سندس وڏا جيسلمير جي راجا جا درٻاري گائڪ ۽ موسيقار هئا. امداد حسين جڏهن پنجن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس گهراڻو جيسلمير مان اچي حيدرآباد سنڌ ۾ آباد ٿيو، جتي کيس استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان، بيبي خان، پياري خان ۽ ڇوٽي غلام علي خان جهڙن ڪلاڪارن کان موسيقيءَ جي علم سکڻ جو موقعو مليو. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو ته پاڻ هتي به ڍولڪ نواز جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. بعد ۾ سنڌي فلمن جي موسيقي ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ هليو ويو. هن جن فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، تن ۾ ’بادل‘، ’گهونگهٽ لاهي ڪنوار‘ ۽ ’پرديسيءَ جو پيار‘ قابل ذڪر آهن. سنڌي فلمن جي حوالي سان، امداد حسين واحد موسيقار آهي، جنهن مهدي حسن کي پنهنجي موسيقيءَ ۾ ڳارايو. 21 فيبروري سال 2000ع تي وفات ڪيائين.


لفظ امداد حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.00.00  عيسوي

امداد حسين ، 1925ع ڌاري جيسلمير ۾ ڄائو


2000.02.21  عيسوي

امداد حسين 21 فيبروري سال 2000ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نوشين شيخ
حافظ حبيب سنڌي
قاضي ڏتو سيوهاڻي
ڄام سَپڙُ
شيخ عبدالڪريم سنڌي
البيروني ابو ريحان
ضميرالدين احمد
ڪامل خان حاجي
بزرگ بن شهريار1
درويش دائود 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون